ڪراچي ۾ چئن ڏينهن واري دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 جاري

ڪراچي:  چئن ڏينهن تي ٻڌل دفاعي نمائش آئيڊياز روايتي انداز ۾ ملڪ جي سڀني کان وڏي شهر ڪراچي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي.

دفاعي نمائشي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته سڄي دنيا مان آيل  مقرر نمائش مان بهترين فائدو  کڻندا، نمائش ۾ ٽيڪنيڪي معاملن سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو. خواجه آصف چيو ته پاڪستاني معيشت  بهتري طرف گامزن آهي، ملڪ ۾ سرمائيڪاري جي  لاءِ گڏيل منصوبن لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن

دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. علاقائي امن ۽ سماجي واقتصادي ترقي جي لاءِ رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي پاڪستان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو.

خواجه محمد آصف چيو ته پاڪستان جي دفاعي صنعت ترقي ڪري رهي آهي. پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر دفاعي پيداوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. دفاعي ضرورتن جي برآمدات مان معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته آئيڊياز نمائش پاڪستان جي دفاعي پيداوار جي هٿي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. آئيڊياز علاقائي گيٽ وي جي طور تي ثابت ٿيندي. آئيڊياز جو سلوگن آرمز فارپيس آهي.

عالمي دفاعي نمائش ۾ 350 ماڻهن تي ٻڌل پرڏيهي وفد شرڪت ڪري رهيو آهي جڏهن ته نمائش ۾ 557 اسٽالز سجايا ويا آهن. ايڪسپو سينٽر ۾ 9 هال ٺاهيا ويا آهن نمائش ۾ 224 مقامي ۽ 333 عالمي ڪمپنين جا اسٽال لڳايا ويا آهن. هن نمائش ۾ جديد ۽ روايتي دفاعي سازو سامان جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ويندو. جيڪو پاڪستان جي  صنعتي ترقي جي عڪاسي ڪري ٿو. دفاعي پيداوار ۾ هٿيار، ٽينڪ، جنگي جهاز، هيليڪاپٽر، بحري جهاز، آبدوزون، ڊرون، ميزائل، سائبر ڊفينس سيٽلائيٽ ۽ اليڪٽرانڪ وارفيئر سسٽمز شامل آهن.

اها نمائش پرڏيهي وفد، حڪومتي عهديدارن ۽ نمائش ڪندڙن جي وچ ۾ موثر نيٽ ورڪنگ فراهم ڪري ٿي. آئيڊياز جي ٽيم جديد سهولتن ۽ سافٽ ويئر جي ذريعي نيٽ ورڪنگ کي موثر طريقي سان هم آهنگ ڪري ٿي. آئيڊيا 2024 ۾ ايشيا، وچ اوڀر، ڏکڻ، مغربي ايشيا جي اهم ملڪن شرڪت ڪئي آهي. خاص طور تي سعودي عرب، متحده عرب امارات، قطر، بحرين، ترڪي، ايران، يمن، چين، ڀارت، جاپان، ملائيشيا، سينگاپور ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔