اسلام آباد: سپريم ڪورٽ بلوچستان جي تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير علي مدد جتڪ جي اپيل رد ڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو. جسٽس عقيل عباسي وڪيل شهزاد شوڪت کي چيو ته ڪيس ۾ الزام آهي ته فارم 45 ۽ 47 ۾ تضاد آهي، ٻنهي فارمن ۾ فرق ڏسو، رڪارڊ مان تضاد واضح آهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته فارم 45 بابت الزام ٻنهي طرفن کان آيا. وڪيل چيو ته مخالف ڌر طرفان فارم 45 جون صرف 4 ڪاپيون داخل ڪيون ويون آهن.جسٽس عقيل عباسي چيو ته جيڪڏهن هڪ ڪاپي اچي ته ڪافي آهي.جسٽس عرفان سعادت چيو ته وڪيل جا سنگين الزام آهن ته بيلٽ پيپر رات جو غائب ٿي ويا.وڪيل چيو ته جج فيصلي ۾ جيڪو چئي رهيو آهي ان جو ڪو به بنياد ناهي.جسٽس عقيل عباسي چيو ته هڪ تڪ ۾ شفافيت ٿيڻ ڏيو، ڇا توهان گهٽ ۾ گهٽ هڪ حلقي ۾ شفافيت نٿا چاهيون.جسٽس شاهد وحيد چيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته توهان جي دستاويزن جي بنياد تي چونڊون جائز قرار ڏنيون وڃن.