عمران خان کي هڪ ٻيو عدالتي رليف، لانگ مارچ ڪيس ۾ بري

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي عدالت مان هڪ ٻيو رليف ملي ويو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت لانگ مارچ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ ٻين جي بريت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو،سيشن ڪورٽ جي جج ياسر محمود عمران خان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.عدالت بري ڪيل سياسي شخصيتن ۾ اسد قيصر، سيف الله نيازي، شيخ رشيد، صداقت عباسي، فيصل جاويد ۽ علي نواز اعواڻ شامل آهن.پي ٽي آءِ جي باني ۽ ٻين خلاف 20 آگسٽ 2022 تي ابپارا پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔