جسٽس يحيٰ آفريدي قبائلي علائقي سان تعلق رکندڙ پهريون چيف جسٽس

اسلام آباد: نئين مقرر چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي پاڪستان جو پهريون چيف جسٽس آهي جنهن جو تعلق خيبرپختونخواهه جي  قبائلي علائقي سان آهي.

جسٽس يحيٰ آفريدي 23 جنوري 1965ع تي خيبرپختونخواهه جي شهر ڊيرا اسماعيل خان ۾ پيدا ٿيو. انهي جو تعلق ڪوهاٽ ضلعي جي آفريدي قبيلي سان آهي(جيڪو پهريان وفاقي انتظامي قبائلي علائقن ۾ شامل هو(هو ڪوهاٽ جي سب ڊويزن(موجوده دره آدم خيل تعلقي) جي بابري بانڊه جو رهواسي آهي.

جسٽس يحيٰ آفريدي لاهور ۾ ايچي سن ڪاليج مان پنهنجي شروعاتي تعليم مڪمل ڪئي جتي هن او ليول ۽ اي ليول ڪيو. 1985 ۾ هن گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور ۾ پوليٽيڪل سائنس ۽ اڪنامڪس ۾ بيچلر آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي.

جسٽس يحيٰ آفريدي 28 جون 2018 کان پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي جج جي طور تي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. 22 آڪٽوبر 2024 تي 12 رڪني خصوصي پارلياماني ڪميٽي انهي کي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تي مقرري جي لاءِ نامزد ڪيو آهي.

هو خيبرپختونخواهه جي اڳوڻن قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ پهريون چيف جسٽس هوندو جيڪو پهرين پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ هاڻ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔