پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ٻار پوليو وائرس ۾ مبتلا

ڪراچي: پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ٻار پوليو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا.پوليو کان متاثر ٻارڙن جو تعلق خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ سان آهي.انهن نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن جو انگ 21 ٿي ويو آهي.خيبرپختونخواهه جي ضلعي مهمند ۾ 9 مهينن جي ٻارڙي، بلوچستان جي ضلعي قلع عبدالله ۾ 15 مهينن جو ٻار ۽ ڪراچي جي علائقي ڪيماري ۾ ساڍي 3 ورهين جو ٻار پوليو جو شڪار ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔