ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت جي سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

هلنبيور: ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي.

چين ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿهيو، ميچ شروع ٿيندي ئي ڇهين منٽ ۾ احمد نديم گول ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري پر اِها برتري گهڻي دير برقرار نه رهي ۽ ٻارنهين منٽ ۾ ڀارت کي پئنالٽي ڪارنر مليو جنهن تي ڪپتان هرميت سنگهه گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو.

ٻئي ڪوارٽر جي شروعات ۾ ڀارت وري پئنالٽي ڪارنر ورتو ۽ ٻيو گول ڪري پاڪستان خلاف برتري حاصل ڪري ورتي، هاف ٽائيم تي ڀارت کي 2-1 جي برتري حاصل هئي جڏهن ته ٽئين ڪوارٽر ۾ پاڪستان شاندار راند جو مظاهرو ڪيو.

پاڪستان ان ڪوارٽر ۾ پنج پئنالٽي ڪارنر ورتا پر ڪنهن هڪ کي به گول ۾ تبديل نه ڪري سگهيو، پاڪستان ٽيم کي ٻه ڀيرا 10،10 رانديگرن سان کيڏڻو پيو، هڪ ڀيرو سفيان فائول ڪيو ۽ کيس پنج منٽ ٻاهر ويهڻو پيو، آخري ڪوارٽر ۾ رانا وحيد فائول ڪيو جنهن تي کيس ڏهه منٽن لاءِ ميدان مان نيڪالي ڏني وئي.

آخري ڪوارٽر ۾ به ٻنهي ٽيمن گول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي ۽ ائين ڀارت پاڪستان کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ياد رهي ته ڀارت ايونٽ ۾ لاڳيتو پنج ميچون کٽي چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان جي ٽورنامينٽ ۾ اِها پهرين شڪست آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جن ٽيمون اڳواٽ ئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔