مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا هوندا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ ججن وضاحت ۾ چيو آهي ته 12 جولاءِ جي فيصلي ۾ ڪو شڪ شبهو ناهي، سپريم ڪورٽ جو 12 جولاءِ جو شارٽ آرڊر واضح آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حڪم کي غير ضروري طور ڏکيو بڻايو آهي.

وضاحتي بيان ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا هوندا، بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ عمر ايوب کي سيڪريٽري جنرل تسليم ڪيو ويو.

وضاحتي بيان موجب حاصل ڪيل سيٽ فوري طور ان سياسي جماعت جي حاصل ڪيل سيٽ سمجهي ويندي، پوءِ جو ڪو عمل ان وقت جي لاڳاپيل تاريخن تي ٿيندڙ معاهدا تبديل نٿو ڪري سگهي، طئي ٿيل حيثيت موجب اهي ڪامياب اميدوار پي ٽي آءِ جا هئا.

ججن وضاحت ڪئي ته واضح معاملو ڏکيو بڻائڻ، شڪ شبهو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش رد ڪئي وڃي ٿي، ڪميشن ذريعي جاري فهرست رڳو انتظامي عمل آهي، مقصد سڀني لاڳاپيل ماڻهن کي ڄاڻ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، قانون طور تي پابند ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪامي، انڪار جا نتيجا ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن فوري طور ذميواري پوري ڪري.

وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن تسليم ڪري چڪي آهي ته پي ٽي آءِ رجسٽرڊ سياسي جماعت آهي، تحريڪ انصاف ميمبرن جو سرٽيفڪيٽ تسليم نه ڪرڻ غلط آهي، اليڪشن ڪميشن ان قدم تي آئيني، قانون نتيجن کي منهن ڏئي سگهي ٿي.

ججن جي وضاحت موجب اليڪشن ڪميشن جي مونجهارو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي سخت لفظن ۾ رد ڪيو وڃي ٿو، چونڊ نشان کان محرومي ڪنهن سياسي جماعت جا حق ختم نٿي ڪري، پي ٽي آءِ سياسي جماعت هئي ۽ آهي، ان سيٽون به حاصل ڪيون.

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فيصلي تي فوري طور عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ضاحت گهرڻ حقيقت ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي، اليڪشن ڪميشن بئريسٽر گوهر کي تحريڪ انصاف چيئرمين تسليم ڪري چڪي آهي، ان کانپوءِ پنهنجي موقف تان نٿي ڦري سگهي.

مخصوص سيٽن جو اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ بيئنچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس عرفان سعادت شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔