راولپنڊي ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن: سعود شڪيل ۽ رضوان سينچريون ٺاهي ورتيون

راولپنڊي: پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند جاري آهي، جتي محمد رضوان ۽ سعود شڪيل ذميواري سان بيٽنگ کي جاري رکيو آهي.

سعود شڪيل ۽ محمد رضوان ٻنهي پنهنجي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي اها ٽئين سينچري اسڪور ڪئي آهي، قومي ٽيم راند جي ٻئي ڏينهن چئن وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسن سان اننگز اڳيان وڌائي، هن وقت سعود شڪيل ۽ محمد رضوان ڪريز تي موجود آهن ۽ ٽيم جو اسڪور 295 رنسن تي پهچائي ڇڏيو آهي. سعود شڪيل 103 ۽ محمد رضوان 111 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن.

ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن پهرين اننگز ۾ پاڪستان کي شروعات ۾ سخت پريشانيون پيش آيون جڏهن صرف 16 جي گڏيل اسڪور تي 3 وڪيٽون ڪري  پيون، جنهن کان پوءِ اوپنر صائم ايوب ۽ سعود شڪيل 50-50 رنسون اسڪور ڪيون. 114 جي گڏيل اسڪور تي صائم ايوب 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پهرين ڏينهن جي اختتام تي پاڪستان 41 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔