اٽڪ ۾ اسڪول وين تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ٻارڙا فوت، 5 زخمي

اٽڪ: :اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ريسڪيو اختيارين موجب اٽڪ جي علائقي ڍيري ڪوٽ ۾ نامعلوم ماڻهن اسڪول وين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا

آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي پي او اٽڪ کي فوري طور تي  واقعي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي. ڊي پي او اٽڪ فوري طور تي پوليس جون ٽيمون جوڙي سمورن علائقن جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون جن زخمين ۽ فوت ٿي ويلن ٻارن کي اسفنديار ولي اسپتال منتقل ڪيو.

ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته اسڪول وين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ٻار زخمي به ٿيا آهن جن جي عمر 5 کان 10 سالن جي وچ ۾ آهي جڏهن ته فائرنگ سبب وين جو ڊرائيور  پڻ زخمي ٿيو آهي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي، ڪمشنر، راولپنڊي کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهوليتون ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔