ڪراچي ۾ اڄ تيز هوائون هلنديون ۽ موسم گِهميل رهندي

ڪراچي:موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ خميس تي شهر ۾ تيز سامونڊي هوائون 40 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفترا سان هلڻ جو امڪان آهي. جنهن سبب موسم گِهميل رهندي. سندن اڳڪٿي موجب سنڌ ۾ برساتن جو نئون سلسلو 26 آگسٽ کان شروع ٿيندو ۽ ڪراچي ۾ 27 ۽ 28 آگسٽ تي برسات جو امڪان آهي. اڄ شهر ۾ گرمي جو پد 32 کان 35 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔