بنگلاديش جي عبوري حڪومت سڀني ميئرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو

ڍاڪا : بنگلاديش جي عبوري حڪومت ملڪ ۾ مقرر سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ميئرن کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب ڪيترائي ڊپٽي ڪمشنر موجوده صورتحال ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ کان ڪيٻائي رهيا هئا.
مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر فيلڊ ايڊمنسٽريشن تان هٿ کڻڻ جي حوالي سان اڳ ئي سينيئر اختيارين سان ڳالهائي چڪا هئا، نتيجي ۾ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب عبوري حڪومت بنگلاديش جي سمورين 12 سٽي ڪارپوريشنز جي ميئرن سميت مڪاني حڪومتن جي هڪ هزار 873 نمائندن کي به عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي.
حڪومت برطرف ڪيل ميئرن جون ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽرز به مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
بنگلاديشي ميڊيا جو چوڻ آهي ته عهدن تان برطرف ڪيل ميئر عوامي ليگ جا حمايت يافته هئا ۽ هو 5 آگسٽ تي حسينا واجد جي حڪومت هٽائڻ کانپوءِ پنهنجي آفيسن ۾ نه آيا هئا.
مقامي ميڊيا موجب برطرف ڪيل 12 ميئرن مان 9 مفرور آهن، مڪاني حڪومت جي عهديدارن جي عدم موجودگي سبب روز جي معاملن ۾ خلل پئجي رهيو هو، جنهن سبب کين برطرف ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔