اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر يوراج سنگهه جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان

ممبئي: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ليجنڊري آل رائونڊر ۽ ٻه هزار يارنهن واري عالمي ڪپ جي هيرو يوراج سنگهه جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مشهور ميوزڪ ڪمپني ۽ پروڊڪشن هائوس ” ٽي سيريز“ طرفان يوراج سنگهه جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو .
رپورٽس موجب، فلم جو امڪاني نالو” سڪس سڪسز “ هوندو، جنهن ۾ يوراج سنگهه جي ٻه هزار يارنهن واري عالمي ڪپ جي ڪارڪردگي، ڪئنسر جي نشاندهي ۽ وري ان کي شڪست ڏئي ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ واپسي ڪرڻ سميت زندگيءَ جي شاندار سفر تي روشني وڌي ويندي.
ٽي سيريز موجب، يوراج سنگهه جي ڪرڪيٽ جي پِچ کان لکين ماڻهن جي دلين تائين جي سفر کي ٻيهر زنده ڪيو ويندو، جڏهن ته بهادر ڪرڪيٽر جي جيون ڪهاڻي کي تمام جلد وڏي پردي تي پيش ڪيو ويندو.
ٽي سيريز طرفان اڃا تائين فلم بابت ٻيا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا، پر ان حوالي سان تمام جلد فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته يوراج سنگهه 2007 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي اسٽورٽ براڊ کي هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هنيا هئا.
اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر کي 2011 ڪئنسر ۾ مبتلا هئڻ باوجود عالمي ڪپ کيڏيو ۽ ڀارت کي فاتح بڻايو.
يوراج سنگهه کي ٻه هزار يارنهن واري ورلڊ ڪپ ۾ شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو هو.
2012 ۾ ڪئنسر مان ڇوٽڪارو کانپوءِ هن ٻيهر ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪئي ۽ 2019 ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
ياد رهي ته ان کان اڳ ايم ايس ڌوني، سچن ٽنڊولڪر ۽ محمد اظهر الدين جهڙن مشهور ڪرڪيٽرن جي زندگي تي پڻ فلمون ٺهي چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔