قومي اسيمبلي: حماس سربراهه اسماعيل هنيه جي قتل خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه جي قتل خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاران پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته اسرائيلي ظلمن جي نتيجي ۾ 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن، هي ايوان اسرائيلي ظلمن کي رد ڪري ٿو.

وزيراعظم شهباز شريف ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته سموري دنيا اسماعيل هنيه جي قتل تي لڙڪ لاڙي رهي آهي، متفقه قرارداد منظور ڪرڻ تي اپوزيشن ۽ اتحادين جو ٿورائتو آهيان.

هن چيو ته  اسماعيل هنيه جي شهادت سان وچ اوڀر ۾ امن ڪوششن کي ڌڪ رسيو آهي، پاڪستان اسماعيل هنيه جي گهر ڀاتين ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

وزيراعظم چيو ته فلسطين اڄ هڪ مقتل بڻجي ويو آهي، عالمي قانونن جا سرعام بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، پاڪستان فلسطينين جي امداد جاري رکندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔