اسرائيل جي شجائيه تي حملي دوران 50 فلسطيني شهيد

غزهه : صهيوني فوج اتر غزا جي علائقي الشجاع تي وحشياڻو حملو ڪيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج اتر غزا ۾ الشجاع تي پيشقدمي دوران رهائشي علائقن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.اسرائيل پاران شجاعيه تي حملي کان پوءِ هزارين فلسطيني هڪ ڀيرو ٻيهر لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا.ٻئي طرف صهيوني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل اهو حملو الشجاع ۾ القسام برگيڊ مجاهدين جي واپسي جي اطلاع ملڻ کانپوءِ ڪيو.ان دوران فلسطيني مزاحمتي گروپن به اسرائيلي فوج تي راڪيٽن ۽ بارودي سرنگن سان حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ تباهه ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔