پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر رهندڙ دوست محمد مزاري ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو
ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته دوست محمد مزاري هاڻي ن ليگ جو حصو بڻجي ويو آهي
هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته ايندڙ حڪومت ن ليگ ٺاهڻ وڃي پئي، تحريڪ انصاف هاڻي گوهر خان جي جماعت آهي
راڻا ثناءُ الله چيو ته هر تڪ مان 6 کان 8 درخواستون آيون آهن، اڄ اسان جهنگ ضلعي کي مڪمل ڪري ورتو، هر تڪ تان هڪ ئي اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺندو
ڪجهه ماڻهن طرفان باضابطه طور تي ن ليگ ۾شموليت جو اعلان ڪيو پيو وڃي، انٽرويوز مڪمل ٿيندي ئي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو