بوليويا، ڪولمبيا ۽ چلي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

غزه: غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي حملن کان پوءِ ڏکڻ آمريڪا جي ٽن ملڪن بوليويا، ڪولمبيا ۽ چلي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن.

بوليويا پهريون لاطيني آمريڪي ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن غزه جي پٽي ۾ فوجي ڪارروائي تي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن.

عالمي ميڊيا موجب بوليويا جي صدارتي هائوس جي وزير ماريا نيلاپرادا نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته هو بوليويا جي وڏي قومي رياست جي طور تي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري رهي آهي.

هن چيو ته اسرائيلي حملن سبب هزارين انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. صدارتي هائوس جي وزير چيو ته اسرائيل انسانيت جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث آهي. اسان اسرائيل سان غزه تي حملا روڪڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.

ٻئي طرف بوليويا جي پرڏيهي معاملن جي نائب وزير چيو آهي ته اسان اهو فيصلو اسرائيل جي جارحاڻي ۽ غير مناسب فوجي حملن جي مذمت ۾ ڪيو آهي. جيڪو هاڻ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔