ڪوئٽه: ڪوئٽه جي واشڪ واري علائقي بسيمه ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران 5 مبينه حملي آور مارجي ويا آهن.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران ٻطرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته حملو ڪندڙن جا 3 ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب حملي آورن جي استعمال هيٺ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سي ٽي ڊي لکي مروت ۾ 2 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ٽيپو گل گروپ سان هو.