نيپرا پاران مهانگائي جي ستايل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي ڪيرائي وئي

اسلام آباد : نيپرا بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 25 پئسا اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

نيپرا موجب فيصلو ڊسڪوز جي مالي سال 2022-23ع جي ٽئين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو

قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بلن تي لاڳو ٿيندو، نيپرا ڊسڪوز جي درخواست تي 24مئي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي

ان کان اڳ جون تائين صارفين کان ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 47 پئسا چارج ڪيا پئي ويا، نئون فيصلو ڪي اليڪٽرڪ لاءِ نه هوندو پر اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪراچي واسين لاءِ به بجلي مهانگي ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔