اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. موسميات کاتي موجب برسات جو سلسلو ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

اسلام آباد ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. مري ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. برسات ۽ ٿڌين هوائن سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو

تيز برسات سبب ڏوراهين علائقن جي ندي نالن ۾ چاڙهه جي ڪيفيت آهي. تيز برسات سبب مختلف هنڌن تي وڻ ڪرڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي سپلاءِ متاثر ٿي آهي.

گذيل شام هڪ گاڏي تي وڻ ڪرڻ سبب چار سياح زخمي ٿي پيا. برساتن جي الرٽ سبب ريسڪيو 1122 جون ٽيمون مختلف هنڌن تي هاءِ الرٽ آهن.

ٻئي طرف لاهور ۾ به سانوڻي جي شروعات کان پوءِ گذريل رات شهر ۾ ٿيندڙ برسات سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

طوفاني برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو. تيز طوفان ۽ برسات سبب هڪ هوٽل جي ڀت ڪري پئي. هن وقت شهر جو گرمي پد 29 ڊگري رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. موسميات کاتي موجب برسات جو اهو سلسلو اٺ جولاءِ تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔