جبل چاڙهو آصف ڀٽي نانگا پربت ڪيمپ فور ۾ ڦاٿل

نانگا پربت ڪيمپ فور ۾ ڦاٿل پاڪستاني جبل چاڙهو آصف ڀٽيءَ کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر بيس ڪيمپ پهچي ويو

جبل چاڙهو آصف ڀٽي نانگا پربت ڪيمپ فور ۾ ڦاٿل آهي، هو 5 هزار 126 ميٽر بلند قاتل پهاڙ  جي مهم جوئي دوران 26 هزار ميٽر اُتاهينءَ تي واقع ڪيمپ فور ۾ سنو بلائينڊنس جو شڪار ٿي ويو هو

 الپائن ڪلب آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪرار حيدري ٻڌايو ته آصف ڀٽي برف سبب نظر نه اچڻ تي ڪيمپ فور ۾ ڦاسي پيو، جيڪا 7 هزار 500 کان 8 هزار ميٽر بلنديءَ تي آهي

جبل چاڙهو آصف ڀٽي کي ريسڪيو  ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن آرمي ايوي ايشن کان مدد طلب ڪندي هيلي مشن شروع  ڪيو ويو هو

 رات ٿيڻ بعد آپريشن روڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هيليڪاپٽر 8 هزار  ميٽر جي بلنديءَ تي نه ٿو وڃي سگهي،  ڪرار حيدري چيو ته آصف ڀٽي کي  ڪڍڻ لاءِ هڪ هيليڪاپٽر جي ضرورت آهي، ان لاءِ هيليڪاپٽر کي 6 هزار 500  بلنديءَ تي هيٺ اچڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔