حڪومت پاران پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکيا ويا

اسلام آباد:ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين جي اگهن بابت اعلان ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار پيٽروليم شين جي اگهن بابت اعلان ڪيو

هن چيو ته وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان تي عمل اڄ رات 12 وڳي کان ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ گئس ۽ تيل جي اگهن ۾ ٿوري واڌ ٿي آهي ۽ اڄ ڪيترين ئي اخبارن رپورٽ ڪيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 3 رپيا واڌ ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ ڪجهه پئسن جي لاٿي ٿيندي، مان حيران آهيان ته ميڊيا کي اهي خبرون ڪيئن مليون.
اسحاق ڊار چيو ته اوگرا جيڪي تجويزون ڏنيون، انهن موجب ڊيزل ۽ پيٽرول جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪا اڄ اخبارن ۾ واڌ رپورٽ ٿي، اها واڌ ناهي.
وفاقي حڪومت جي اعلان کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 262 رپين ۽ ڊيزل جي قيمت 253 رپين تي برقرار رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔