حارث رئوف ايندڙ مهيني پنهنجي ڪنوار کي گهر وٺي ايندو

لاهور: پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جي نڪاح کانپوءِ هاڻي زال مزنا مسعود کي پنهنجي گهر آڻڻ لاءِ تيار آهي.ذريعن موجب، حارث رئوف ايندڙ مهيني پنهنجي ڪنوار مزنا مسعود کي گهر آڻڻ لاءِ ڄڃ وٺي ويندو، حارث رئوف ۽ مزنا جي شادي جون تقريبون ايندڙ مهيني جي پهرين هفتي کان شروع ٿينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته حارث رئوف جي شادي جون تقريبون ڇهه جولاءِ کان شروع ٿينديون جڏهن ته وليمو ست جولاءِ تي ٿيندو.ذريعن موجب، ان حوالي سان شادي جا ڪارڊ ورهائڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، ٻئي پاسي حارث ۽ مزنا جي شادي جو ڪارڊ به سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔