پنجاب جي سڌ سماءُ واري نگران وزير عامر مير چيو آهي ته 9 مئي جي تخريبڪاري وارن واقعن ۾ ملوث 300 مان 46 عورتن کي گرفتار ڪيو ويو آهي
عامر مير چيو ته گرفتار ڪيل 29 عورتون ضمانت تي آزاد ٿي چڪيون آهن ۽ جيل ۾ قيد 17 عورتن جي سڃاڻپ پريڊ جاري آهي
نگران صوبائي وزير چيو ته قانون موجب نه ڪنهن سان زيادتي ٿيندي ۽ نه ئي ڪنهن کي رعايت ملندي، هن وڌيڪ چيو ته سڃاڻپ کان اڳ جوابدار جي ڪنهن به شخص سان ملاقات نه ڪرائي ويندي