چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ اٽارني جنرل جو وزيراعظم سان صلاح مشورو

اسلام آباد: اٽارني جنرل منصور عثمان وزيراعظم شهباز شريف سان اهم مشاورت کان پوءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويو. ان کان اڳ وزيراعظم جي سپريم ڪورٽ اچڻ جي باري ۾ امڪان ظاهر ڪيو ويو هو.
اٽارني جنرل منصور عثمان سان وزيراعظم جي اهم ملاقات ٿي اهم معاملن تي مشاورت کان پوءِ اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم جو عدالت اچڻ جو ارادو هو پر هاڻ هو عدالت نه ايندو.
وزيراعظم هائوس طرفان وفاقي ڪابينه جي ميمبرن کي ساڍي يارهين وڳي سپريم ڪورٽ پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ اڄ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻيهر ٻڌڻي ڪندي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪندو.
اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجا دليل جاري رکندو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل طرفان به سپريم ڪورٽ ۾ موقف پيش ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔