اسلام آباد: سپريم ڪورٽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ڪجهه دير ۾ ٻڌڻي هلائيندي، ٻڌڻي هلائيندڙ لارجر بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن
تحريڪ انصاف پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي
اليڪشن ڪميشن 30 اپريل جو شيڊول رد ڪندي 8 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ جو نئون شيڊول جاري ڪيو هو