ڪراچي: مذهبي تنظيم جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف مذهبي تنظيم جي سڏ تي سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ شٽربند هڙتال ڪري ريليون ڪڍيون پيون وڃن
مھانگائي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سڏ تي ڪراچي جي رستن تي ٽريفڪ معمول کان گھٽ، بازارون بند رهيون
صدر، لائيٽ ھائوس ۽ زينب مارڪيٽ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪاروبار نه کليو، لياقت آباد، نيو ڪراچي، ڪياماڙي ۽ ٻين علائقن ۾ جزوي طور ڪاروبار بند رهيو
لاڙڪاڻو، ڏهرڪي، ڪڙيو گهنور، ڪشمور، ٺارو شاهه، شادي لارج، ميرو خان ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، دادو، ڄام صاحب، اوٻاوڙو، ڀان سيد آباد، باڊهه، ٽنڊو محمد خان، ٺل، مورو، فيض گنج ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي
اڪري چودڳي، قاضي احمد، ڪنري، سجاول، قمبر، چمبڙ، دوڙ، پنگريو، وارهه، سٺ ميل، نئون ديرو ۾ به شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ڪاروبار بند رهيو، احتجاجن ۾ شهري به شامل ٿي ويا
ٺارو شاهه، مٺياڻي، ڇاڇرو، مورو ۾ شٽربند هڙتال، سٺ ميل، فيض گنج سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويوجن، سانگهڙ، ميهڙ، جوهي، سڪرنڊ ۾ جزوي هڙتال رهي، ڪنڊيارو، اڪري چودڳي ۾ ڪاروبار کليل آهي