پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي وئي

سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽٽي وئي

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ لاءِ سپريم ڪورٽ 23 فيبروري تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ حڪم جاري ڪيا هئا

پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ڪري رهي آهي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن

حڪمران اتحاد 9 رڪني بينچ مان جسٽس مظاهر علي نقوي ۽ جسٽس اعجاز الاحسن کي ڌار ڪري فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي

گذريل ٻڌڻي تي چيف جسٽس حڪم ڏنو هو ته سومر تي ججن جي معاملي تي درخواستون ٻڌو ويندو، هيل تائين ٿيل ٻڌڻي ۾ جسٽس اطهر من الله اسيمبلين کي ٽوڙڻ جي طريقيڪار تي سوال اٿاريو، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل پاڻمرادو نوٽيس تي ئي سوال اٿاريو

چيف جسٽس پهرين ٻڌڻي ۾ رمارڪس ڏنا هئا ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻيون آهن، آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪنداسين

عدالت اڄ اٽارني جنرل، چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز، پي ڊي ايم سميت سمورين سياسي پارٽيز، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار کي نوٽيس جاري ڪيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔