اسلام آباد جي عدالت ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي منتقل ڪرڻ واري عمران خان جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد جي عدالت توشه خانه سميت ٻن ڪيسز جي ٻڌڻي جڊيشل ڪامپليس منتقل ڪرڻ واري عمران خان جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عمران خان سيڪيورٽي خدشن سبب توشه خانه ۽ قتل جي ارادي وارن ڪيسز جي ٻڌڻي جڊيشل ڪامپليس منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي

عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ درخواست داخل ڪرائيندي چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ خطري جو الرٽ جاري ٿيل آهي ۽ اڳ  به دهشتگرديءَ جا واقعا ٿي چڪا آهن، عمران خان کانسواءِ عام ماڻهن جي حياتيءَ لاءِ به خطرو آهي

عدالت جي جج چيو ته اڄ تائين عدالتي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن نه ٿيو آهي جو مان ڪنهن ٻي عدالت ۾ وڃي ويهان، مان ڀرسان واري عدالت ۾ به ويهي نه ٿو سگهان

عدالت ٻڌڻي جڊيشل ڪامپليڪس منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عمران خان جي اڄ حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔