ڪراچي : سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿي رهيو آهي
قمبر، نئون ديرو، راڌڻ، منهڙو، بهرام، باڊهه،ڪنديارو،ڀرياسٽي،خانواهڻ، نئون آباد، پکو، ٺارو شاهه، عادلپور ۾ شديد ڪوهيڙو، رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن
ٻئي پاسي موسميات کاتي موجب ڪوهيڙو ۽ ٿڌ جي لهر ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ جا امڪان آهن، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ ۾ واڌ بعد گرم ڪپڙن ۽ گرم شين جو استعمال وڌي ويو آهي