صدر عارف علوي جي جنرل (ر) باجوا بابت بيان تي ايوانِ صدر جي وضاحت

اسلام آباد : ايوان صدر طرفان صدر عارف علويج ي بيان بابت وضاحت جاري ڪئي وئي آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ ان جي ٽيم طرفان سينيٽ ۾ ۽ چونڊن دوران تحريڪ انصاف جي مبينا مدد جي حوالي سان بيان صدر عارف علوي سان منسوب ڪرڻ جو نوٽيس ورتو ويو آهي.

ايوان صدر  طرفان چيو ويو آهي ته بيان کي حقيقتن کان هٽي پيش ڪيو ويو، اهو هٿ ٺوڪيو آهي

واضح رهي ته صدر عارف علوي گذريل رات ڪراچي ۾ هڪ ڊنر دوران ملڪ جي ڪاروباري شخصيت ۽ سيڙپڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس بابت بيان منسوب ڪيو ويو ته جنرل (ر) باجوا ۽ ان جي ٽيم سينيٽ ۾ عمران خان جي مدد ڪئي ۽ ان چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي مدد ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔