آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ” بم سائيڪلون “ تباهي مچائي ڇڏي، 38 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪروڙين متاثر

نيويارڪ ؛ آمريڪا ۽ ڪئنادا ۾ شديد برفاني طوفان سبب مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 38 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ اتر آمريڪا کنڊ ۾ زندگي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 34 شهري فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته برفاني طوفان سبب نيويارڪ رياست جو علائقو بفلو سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو آهي.اختيارين موجب ڪئناڊا جي اولهندي صوبي برٽٽ ڪولمبيا جي شهر ميرٽ ۾ هڪ مسافر بس برفيلي روڊ تي تِرڪڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾  ڄار مسافر حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

آمريڪي اختيارن جو چوڻ آهي ته شديد برفاني طوفان ۽ انتهائي منفي گرمي پد سبب اٽڪل ست ڄڻن جا لاش گاڏين مان مليا آهن.

طوفان سبب ورمونٽ، اوهائيو، ميسوري، وسڪونسن، ڪنساس ۽ ڪولوراڊو ۾ به فوتگيون ٿيون آهن، انکانسواءِ منسوٽا رياست، واسڪونسن ۽ مشيگن ۾ به تمام گهڻي برفباري ٿي آهي.

اولهندي رياست مونٽانا ۾ هن وقت سخت ٿڌ آهي ۽ اتي گرمي پد ڪاٽو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪِري چڪو آهي جڏهن ته ڪئناڊا جو صوبي اونٽاريو  ڪيوبڪ به برفاني طوفان سبب سخت متاثر ٿيو آهي.

هن طوفان سبب اٽڪل 25 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ڪئناڊا جي اوڀرندي صوبي ڪيوبڪ کان ويندي آمريڪا جي ڏاکڻي رياست ٽيڪساس تائين اٽڪل 3200 ڪلوميٽر رقبي تائين گهٽ ۾ گهٽ 17 لک ماڻهو بجليءَ کان محروم ٿي ويا آهن.

اتر آمريڪا ۾ جاري برفاني طوفان سبب هزارين اُڏامون ڪئنسل ڪيون ويون جنهن سبب لکين ماڻهو ڪرسمس جي ڏهاڙي به پنهنجن پيارن وٽ پهچي نه سگهيا آهن.

هن برفاني طوفان کي ” بم سائيڪلون“ جو نالو ڏنو ويو آهي، هوا جو دٻاءَ انتهائي گهٽجي وڃڻ سبب اهڙو طوفان ٺهندو آهي جنهن کي بم سائيڪلون چيو ويندو آهي، جنهنڪري اتر آمريڪا برف، تيز هوائن ۽ ڄمائي ڇڏيندڙ گرمي پد جي لپيٽ  ۾ آهي.

ماهرن خبردار ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جي موسم ۾ ٻاهر نڪرڻ تي رڳو پنج کان ڏهن منٽن اندر فراسٽ بائٽ ٿي سگهي ٿي، معنيٰ جسم جي چمڙي ۽ ٽشو ڄمي سگهن ٿا، اهڙي حالت ۾ سڀ کان وڌيڪ نڪ ۽ هٿن پييرن جو آڱريون متاثر ٿينديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔