ميران شاهه ۾ آپگهاتي حملو: پاڪ فوج جو حوالدار ۽ شهري شهيد

ميران شاهه : اتروزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ آپگهاتي حملو، پاڪ فوج جو حوالدار ۽ هڪ شهري شهيد، 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

آءِ ايس پي آر موجب ميران شاهه جي بازار ۾ موٽر سائيڪل آپگهاتي بمبارن پاڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان ٽڪر هنيو

ڌماڪي سبب حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري شهيد ٿي ويا، واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي

وزيراعظم شهباز شريف طرفان آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته آپگهاتي حملا ڪندڙ دهشتگرد مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، پاڪستاني عوام ۽ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔