ڪراچي : تحريڪ انصاف پاران عمران خان تي حملي خلاف ملڪ گير مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آھي
ان سلسلي ۾ اسد عمر چيو آهي ته اڄ جمعي نماز کانپوءِ ملڪ جي سمورن شهرن ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو
عمران خان تي قاتلاڻي حملي خلاف ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آھي
ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، قائد آباد، شيرپائو ڪالوني، ڪورنگي ۽ نرسري وارن علائقن ۾ ڪاروبار بند ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون يون، جزوي هڙتال ۽ مظاهرا جاري آھن
دادو ۽ ميهڙ ۾ عمران خان تي حملي خلاف جزوي هڙتال، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن رستن تي نڪري آيا
عمران خان تي حملي واري واقعي جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي
عمران خان تي حملي واري واقعي جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي ڪئي وئي آھي، گرفتار ڪيل جوابدار نويد کي پڇاڳاڇا لاءِ سي ٽي ڊي پوليس لاهور جي سيل منتقل ڪيو ويو
جوابدار جي پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آھي، گرفتار ڪيل جوابدار نويد گذريل ڏينهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو،جوابدار جي اعترافي بيان ۾ ڪيترائي تضاد سامهون اچي ويا
جوابدار هڪڙي ئي بيان ۾ چيو ته عمران خان کي مارڻ جو اوچتو خيال آيو، ساڳئي بيان ۾ چيو ته هو ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو هو، تنهن ڪري لانگ مارچ شروع ٿيڻ کان وٺي کيس مارڻ جو سوچي رهيو هيس
وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر
وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر، گذريل ڏينهن ڪنٽينر تي ٿيل فائرنگ ۾ هڪ گولي عمران خان جي پـِنيءَ ۾ ۽ ٻي گولي سـَـٿر ۾ لڳي
شوڪت خانم اسپتال لاهور جي ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي حالت مستحڪم آهي، ڊاڪٽر موجب عمران خان جي ساڄي ڄنگهه ۾ 2 گوليون لڳيون، سندس ڄنگهه ۾ هڪ کان وڌيڪ زخم آهن
گوليءَ جا ذرا اڃا ڄنگهه ۾ موجود آهن، ڄنگهه جي هڏي محفوظ رهي، فائرنگ ۾ احمد ناصر چٺا، فيصل جاويد ۽ وڌيڪ 7 ڄڻا به زخمي ٿيا هئا