ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ٻوڏ متاثرن تائين راشن نه پهچڻ جي غفلت جو ملبو آفيسرن تي وجهي ڇڏيو آهي
قائم علي شاهه چيو آهي ته 2010ع ۾ به ٻوڏ آئي هئي، هن ڀيري حڪومت ۽ آفيسرن تياري نه ڪئي هئي، حڪومت ڪم ڪري رهي آهي پر آفيسر ڪم نه ڪري رهيا آهن
اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته آفيسر ڪم نه پيا ڪن، جنهن جي ڪري متاثرن کي گهٽ رليف ملي رهيو آهي، حڪومت پنهنجي طرفان ڪم ڪري رهي آهي