ٻوڏ جي صورتحال تي سياست نه ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقي صحبت پور ۾ نقصانن جو جائزو ورتو ، هو صحبت پور پهتو ، جتي چيئرمين اين ڊي ايم اي اڏام دوران ئي کيس بريفنگ ڏني هئي .

وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي جائزو ورتو ، بلوچستان جي چيف سيڪريٽري  پاران وزيراعظم کي بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني وئي .

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيڪل ڪئمپن ۾ 4 لکن کان وڌيڪ متاثرن کي طبي امداد ڏني وئي آهي ، صحبت پور ۾ ٻوڏ سبب هڪ لک 90هزار  گهر متاثر ٿيا آهن .بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي اڃان موجود آهي جنهن ڪري صورتحال گهڻي ابتر آهي .صحبت پور 100 سيڪڙو متاثر ٿيو آهي جتي مواصلاتي نظام مڪمل طور تي ناڪاره ٿي ويو آهي .

وزيراعظم جو چوڻ هو ته سيلابي صورتحال تي سياست نه ڪرڻ گهرجي ، سڄي ملڪ ۾ سيلاب متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي ،حالتون انتهائي خراب آهن ، ٻاهر کان ايندڙ امداد ورهائي پئي وڃي ، ڪو به علائقو نه ڇڏيو ويندو. خيمن لاءِ اسان وڌيڪ آرڊر ڏنا آهن، جيڪي نهايت جلد پهچي ويندا . هن چيو ته امدادي ڪم ڪنهن به صورت ۾ بند نه ٿيڻ گهرجي .

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته سيلاب سان متاثر علائقن ۾ مختلف مرض پيدا ٿي رهيا آهن جن کي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي .متاثرن لاءِ وڌيڪ شين جي فراهمي بابت خوراڪ واري وزارت کي نوٽ موڪلي رهيا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔