حيدرآباد: رليف ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر مختلف بيمارين ۾ مبتلا

حيدرآباد ضلعي جي رليف ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر مليريا، ڊائريا سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن

صحت کاتي پاران هنگامي بنيادن تي ڪيمپون قائم ڪري 1643 مريضن جو علاج ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي

صحت کاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران رليف ڪئمپن ۾ ترسيل 311 ڄڻا ڊائريا جو شڪار ٿيا آهن

صحت کاتي موجب، مليريا جا 126 شڪي مريض موجود آهن جڏهن ته 5 ڄڻن کي مليريا جي تصديق ٿي آهي

صحت کاتي موجب 253 مريضن کي ساهه ۾ تڪليف جي شڪايت هئي جن جو علاج ڪيو پيو وڃي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪئمپن ۾ ترسيل 74 ڄڻا اکين جي انفيڪشن ۽ 302 ماڻهون مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 268 ٻوڏ متاثر ٻارڙا، عورتون توڙي مرد چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔