ڇا پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت سان اتحاد ختم ڪرڻ پئي وڃي؟، بلاول جي صدارت ۾ اهم اجلاس


پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ پارٽي جِي سي اِي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست کانپوءِ واري صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي
اجلاس ۾ وفاق ۾ اتحادي حڪومت جي حوالي سان به مشاورت ڪئي وئي ته هاڻي اڳتي لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي طئه ڪجي؟
پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته ننڍي چونڊ جي نتيجن مان واضح ٿي ويو ته اتحادي حڪومت عوامي حمايت وڃائي ويٺي آهي
مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته مهانگائي چوٽ چڙهيل هجي ۽ عوام اسان کي گلن جا هار پارائي، مون اڳ ئي چيو هو ته آءِ ايم سان معاهدو ۽ ڏکيا فيصلا نئين حڪومت کي ڪرڻ گهرجن ۽ چونڊون ڪرايون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔