اتروزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

اتروزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ڪلي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندن قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔