ميرپور ساڪرو ۾ 4 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف ڪراچي- ڪيٽي بندر روڊ تي ڌرڻو، گاڏيو بيهجي ويون

ميرپور ساڪرو: ميرپور ساڪرو ۾ چئن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ۽ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ ڌرڻو هڻي ڪراچي –ڪيٽي بند روڊ بند ڪري ڇڏيو.

ميرپورساڪرو شهر ۾ مسلسل ٽن ڏينهن کان بجلي جي بندش ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب جي سڏ تي شهرين ۽ سول سوسائٽي طرفان ڊاڪٽر زاهد حسين شاهه، يوسف شاهين، عبدالغني گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي – ڪيٽي بندر روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جو ٿبڀو ڪرڻ سبب بجلي جي مين سپلائي بند آهي ۽ بجلي جون تارون غلام الله روڊ تي پيل آهن، جنهن سبب ميرپورساڪرو شهر ۾ گذريل چئن کان بجلي بند آهي، بجلي بند هجڻ سبب پاڻي جي کوٽ پڻ ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته بجلي جي بندش سبب پاڻي جون مشينون نٿيون هلن جنهن سبب مسجدن ۾ وضوء لاءِ به پاڻي ناهي، واپڊا عملي جي لاپرواهي سبب شهر جي بجلي بحال ناهي ٿي سگهي، جنهن سبب شهري گرمي دوران ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن.

هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن بجلي جلد بحال نه ڪئي وئي ته ڪراچي – ڪيٽي بند روڊ اڻ اعلانيل مدي تائين بند ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔