اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي موجودا اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پاڪ فوج جي پيشيوارڻن معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.