فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان معذرت ڪري ورتي

ڪراچي : سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان معذرت ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن ۾ اداري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف اڻوڻندڙ لفط ڳالهائڻ ۽ الزامن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو

فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته مان پاڻ هڪ وڪيل آهيان، شو ڪاز نوٽيس جي چڪرن ۾ نٿو پوڻ چاهيان، ان تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته وڪيل ته عدالت سان جهيڙو نٿا ڪن، عدالت جي اندر جهيڙو ٿيندو آهي، عدالت جي ٻاهر ته جهيڙو ناهي ٿيندو، وفاقي وزير چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو ذاتي احترام آهي، مان ڪابينا جو مائوٿ پيس آهيان، اڪثر اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهيان جيڪي منهنجا لفظ ناهن هوندا

هن چيو ته مان ڪنهن کي گار نه ڏني، معذرت ڪيان ٿو، وفاقي وزير جي معافي تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن چيو ته اوهان جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيو اهو لکت ۾ جمع ڪرايو، ان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو آهيان، مان ادارن جو احترام ڪيان ٿو، انهن خلاف ڪا به ڳالهه نٿو ڪيان

هن چيو ته مان اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان جيڪا ڳالهه ڪري رهيو آهيان اها ڪابينا جي پاليسي آهي، اسان ججن ۽ ادارن جو احترام ڪري اڳتي وڌڻ تي يقين رکون ٿا، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن مثبت رويو اختيار ڪندي جنهن مان اڳتي وڌي سگهنداسين، واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن اداري خلاف اڻوڻندڙ لفظ ڳالهائڻ ۽ الزامن تي وفاقي وزير اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري کي نوٽيس جاري ڪيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔