حڪومت هڪ دفعو ٻيهر بجلي مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي

اسلام آباد: حڪومت بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ لاءِ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(ينپرا) ڏانهن درخواست اماڻي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ هڪ روپيو 39 پئسا في يونٽ تائين واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ نيپرا وفاي حڪومت جي درخواست تي 2 نومبر تي ٻڌڻي ڪندو.
بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ سميت سموري ملڪ جي صارفين لاءِ ڪئي وئي آهي پر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان لائف لائن صارفين تي نه هوندو. 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ڇوٽ حاصل هوندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ 15 آڪٽوبر تي وفاقي ڪابينا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن کان پوءِ بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 68 پئسا اضافو ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن ناڻي واري وزارت طرفان به آئوٽ لڪ جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ عوام کي وڌيڪ مهانگائي کان خبردار ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔