ڪورونا وبا وڌيڪ 98 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 3300 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ  98 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 26 هزار 330 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 11 لک 86 هزار 234 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 316 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 5 هزار 5 سنڌ ۾ 4 لک 39 هزار 119، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 65 هزار 512، بلوچستان ۾ 32 هزار 411، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 65، اسلام آباد ۾ هڪ لک هڪ هزار 249 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 32 هزار 873 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 81 لک 62 هزار 771 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 313 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 10 لک 67 هزار 589 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 478 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 98 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 26 هزار 330 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 96، سنڌ ۾ 6 هزار 995، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 130، اسلام آباد ۾ 877، بلوچستان ۾ 342، گلگت بلتستان ۾ 178 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 712 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔