سنڌ حڪومت جي ويب سائيٽ تي مرحوم اڳواڻ اڄ به جيئرا

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب مرحومن جي نالن تي اهم کاتن جون ذميواريون اڃا تائين موجود آهن.
سنڌ حڪومت جي ويب سائيٽ تي لاڏاڻو ڪري ويل اڳواڻن جا نالا جيئن جو تيئن ڪابينا جي فهرست ۾ شامل آهن.
غلام مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي کي هڪ سال گذري ويو پر سنڌ حڪومت جي ويب سائيٽ تي ان جو نالو اڃا تائين وزير طور موجود آهي، جڏهن ته صلاحڪار اعجاز شيرازي جي لاڏاڻي کي به ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود سندس نالو ڪابينا فهرست ۾ شامل آهي.
وڏي وزير جي خاص مددگار راشد رباني جو لاڏاڻو آڪٽوبر 2020 ۾ ٿيو پر سنڌ حڪومت جي ويب سائيٽ تي مرحوم جو نالو اڃا تائين سياسي معاملن بابت خاص مددگار طور موجود آهي، وڏي وزير جي خاص مددگار نسيمه بلوچ پڻ لاڏاڻو ڪري وئي آهي پر سنڌ حڪومت جي ويب سائيٽ تي ان جو نالو به ڪابينا فهرست ۾ شامل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔