حڪومت ڪين سائنو ويڪسين جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي حڪومت ڪين سائنو ويڪسين جو رٽيل اگھه مقرر ڪري ڇڏيو.
ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪين سائنو ويڪسين جي هڪ خوراڪ جي وڌ کان وڌ قيمت 4 هزار 56 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ڪين سائنو ويڪسين جي 3 خوراڪن جي وڌ کان وڌ قيمت 12 هزار 168 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت ڪين سائنو جي رٽيل قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کان پوءِ قيمتن جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نئين قيمت تحت ڪين سائنو ويڪسين جي هڪ خوراڪ ۾ 169 رپيا گھٽتائي آئي آهي، ان کان اڳ سنگل ڊوز جي قيمت 4 هزار 225 رپيا مقرر ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔