ڪورونا وبا هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 86 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر تيزي سان پکڙجي رهي آهي. 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وبا وڌيڪ 86 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 7.79 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 58 هزار 203 ٽيسٽ ڪيا ويا. جن مان 4537 ڄڻن ۾ ڪروونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جو انگ 1.024.861 ٿي وئي آهي. جن مان 938.843 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 86 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 23 هزار 295 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 7.79 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 537 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب ۾ 3 لک 55 هزار 483، سنڌ ۾ 3 لک 77 هزار 231، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 3 هزار 213، بلوچستان ۾ 30 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 8، اسلام آباد ۾ 86 هزار 945 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 23 هزار 819 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 86 مريض فوت ٿيا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 23 هزار 295 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 11 هزار 19، سنڌ ۾ 5 هزار 947، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 444، اسلام آباد ۾ 799، بلوچستان ۾ 327، گلگت بلتستان ۾ 137 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 622 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔