پشاور: حيات آباد ۾ پوليس وين مٿان دستي بم حملو، هڪ اهلڪار شهيد

پشاور: حيات آباد ۾ پوليس وين تي دستي ٻم حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.

رپورٽ موجب پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ نامعلوم ماڻهن پوليس وين مٿان حملو ڪري ڇڏيو. حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو جون ٽيمون حادثي واري جڳهه پهچي ويون ۽  شهيد اهلڪار جي لاش کي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو ويو.

واقعي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. سي سي پي او پشاور موجب موبائل ۾ 3 اهلڪار موجود هئا. ۽ ريپڊ رسپانس فورس جي موبائل معمول موجب گشت تي هئي ته نامعلوم ماڻهن حملو ڪري ڏنو. حملي ۾ موبائل انچارج شهيد جڏهن ته ٻيا اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو حيات اباد ڪارخانو چيڪ پوسٽ تي بيٺل گاڏي ويجهو ٿيو ۽ شروعاتي طور تي  اهو حملو هينڊ گرنيڊ جو لڳي رهيو آهي. پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔