سنڌ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه ھوندو، صرف مخصوص شعبن کي بند ڪيو ويندو:وڏو وزير

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ ڪرونا وبا سبب اسان جو ٽاسڪ فورس سرگرمي سان ڪم ڪري پيو، انتهائي مشڪل فيصلا ڪيا آھن، ٽاسڪ فورس في فيصلن سبب ڪووڊ جي پهرين لهر ۾ گهٽ نقصان ٿيو، اسان صحت سهولتون وڌايون، ٻئي ۽ ٽئين لهر ۾ به گهٽ نقصان ٿيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد مراد علي شاھ چيو تھ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ آهن، ويڪسين وارن کي به ھي وائرس ٿئي ٿو تھ پوءِ بھ نقصان گهٽ ٿيندو، ھن چيو تھ اجلاس بعد اسد عمر سان به ڳالهيو آهي، مڪمل لاڪ ڊائون ناهي،لاڪ ڊائون ۾ ساٿ ڏنو وڃي، 9 ڏينهن لائي ڊائون هوندو، ماڻھن کي تڪليف ضرور ٿيندي، صرف خدمتن وارا کاتا کليل هوندا باقي سڀ دفتر بند هوندا، ٽرانسپورٽ صرف ويڪسينيشن لڳرائيندڙ لاءِ هلي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔