مونکي جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون: اشنا شاهه

لاهور: خوبصورت اداڪارا اشنا شاهه چيو آهي ته مونکي جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. اشنا شاهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن ماضي بابت لکيو آهي. هن چيو ته کيس گهڻو وقت اڳ جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. هن چيو ته انهن ڌمڪين سبب پهرين ته خوف ٿيو هو پر پوءِ مون فيصلو ڪيو ته اهڙن معاملن کي منهن ڏيئڻو پوندو ڇاڪاڻ ته هن مردن واري سماج ۾ عورت کي بهادري سان اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن عورت بهادري جو مظاهرو ڪري ته محفوظ ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔