تعليمي ادارن جي بندش ۽ امتحانن بابت اهم اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد:   تعلميي ادارن جي بندش ۽ امتحانن بابت اهم اجلاس اڄ ٿيندو. وفاقي وزير شفقت محمود بين الصوبائي تعليم واري وزيرن جي ڪانفرنس جي صدارت ڪندو.

اجلاس ۾ چئني صوبن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا  تعليم وارا وزير به شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ تعليمي ادارن کي کولڻ يا بند ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو.

اڄ جي اجلاس ۾ امتحانن جي حوالي سان به فيصلو ڪيو ويندو. ان کان علاوه  گرمي جي موڪلن ۽ امتحانن بابت حتمي فيصلي جو امڪان آهي جڏهن ته اجلاس ۾ استاد ن ۽ اسٽاف جي ويڪسينيشن جي حوالي سان به غور ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔